top of page

Awami Awaz (Pakistan)


هاڻ محبوب سان محبت جو اظهار چنڊ تي ڪيو


ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ان کان اڳ ته ” محبوب لاءِ چنڊ ستارا ٽوڙي اچڻ“ رڳو چوڻ جي حد تائين ئي محدود هوندو هو، پر هاڻ محبوب سان محبت جو اظهار چند  تي وڃي ڪرڻ ممڪن بڻجي ويو آهي. اين بي سي نيويارڪ جي هڪ رپورٽ موجب حيران ڪندڙ شادين جي انتظامن جا تفصيل شائع ڪندڙ ”Apoteosurprise“ نالي فرانسيسي ايجنسيءَ هڪ نئون طريقيڪار ترتيب ڏنو آهي، جنهن تحت 2022 ۾ چنڊ تائين اُڏام دوران محبت ڪندڙ جوڙو هڪ ٻئي کي شاديءَ لاءِ ”پرپوز “ ڪري سگهي ٿو. چنڊ تائين جو اهو سفر مشهور راڳي فرانڪ سينانٽرا جي گيت ”فلائي مي ٽوڊي مون((fly me To the moon جي ڌن سان شروع ٿيندو. اهو منفرد خلائي سفر هڪ هفتي تائين جاري رهندو، جنهن دوران محبوب هڪ آزاد ڪيپسول ۾ سفر ڪندا ۽ خلاءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ محبت جو اظهار ۽ شاديءَ جي آڇ ڪري سگهندا. سفر جي تيارين جي شروعات مارچ 2022 کان شروع ٿيندي جنهن جوڙن کي آن لائن رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي. جڏهن ته ان لاءِ سموريون ٽيڪنيڪي ۽ ضروري معلومات حاصل ڪرڻ سان گڏ احيتاطي گهرجن کي سمجهڻ اڻٽر هوندو. ايجنسي موجب خلائي سفر جو شروعات آمريڪي رياست فلوريڊا جي علائقي ڪپ ڪنيفرال ۾ قائم ڪينيڊي اسپيس سينٽر کان ٿيندو. جيئن ته اهو پروپوز ڪرڻ جو هڪ دلچسپ ۽ الڳ طريقو هوندو، پر اهو ٻڌائيندا هلون ته ان سفر لاءِ خلائي سفر لاءِ هڪ ڪروڙ 45 لک ڊالرن تائين جو خرچو پڻ برداشت ڪرڻو پوندو، جيڪا شايد هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي!


bottom of page